ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي چڙھائي سرچ آپريشن مغوي هٿ نه آيا. ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل منظور سولنگي، هدايت الله ميمڻ ۽ عبدالرزاق شيخ جي بازيابي لاءِ ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو. ڳوٺ ڪريمور تيغاڻي تي شڪارپور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو. جوابدار فرار ٿي ويا، مغوي هٿ نه اچڻ تي پوليس تيغاڻي برادري جي ٻن ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڏھ ماڻهو گرفتار ڪري کڻي وئي. گرفتار ٿيل هاجاڻي، سائرا، سياڻي، حرمت، عزت خاتون، صابل، ارباب خاتون، حضوران ۽ نينگري منظوران شامل آهن. ڳوٺاڻن رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان اغوا واقعي ۾ ملوث ناهيون. پوليس ڏوهارين بدران اسان جي گهرن تي چڙھائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 ماڻهو ۽ ٻڪريون کڻي وئي آهي. جڏهن ته ايس ايس پي شڪارپور چيو ته ٽن ماڻهن جي اغوا ۾ تيغاڻي گينگ جا ڏوهاري ملوث آهن، مغوين جي بازيابي لء پوليس ڪچي ۾ سرچ آپريشن ڪيو آهي، ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون ٻيهر آپريشن ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.