لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) غوث پور مان چار ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل لاڙڪاڻي واسي چئن ڄڻن کي ڪشمور پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي.گهرن ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري مغوين جي صحيح سلامتي بازيابي لاءِ دعائون گهريون ويون وڃن.هوڏانهن اهڙي واقعي خلاف سنڌ ناريجا ويلفيئر آرگنائزيشن ضلعي جي سڏ تي ڳوٺ وانڍ علي محمد ڪرٽيو ۾ ناريجا برادري جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ معزز شخصيتن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊويزنل ڪورآرڊينيٽر احمد نور ناريجو، چيئرمين ايڊووڪيٽ غلام رسول ناريجو، بشير احمد ناريجو، وڏيرو نياز ناريجو، ربنواز ناريجو ، مهراڻ ناريجو ۽ ضلعي صدر عبدالجبار ناريجو، سنڌ حڪومت، پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي ادارن کي اپيل ڪندي چيو ته 31 آگسٽ اربع تي رات 12 بجي غوث پور وٽان اغوا ٿيل لاڙڪاڻي واسي 4 ڄڻا رضوان ناريجو، اسد سولنگي، مسعود سولنگي ۽ رجب سولنگي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي ۽ اسان کي قبائلي جهيڙن کان بچايو وڃي ڇاڪاڻ اسان جي برادري انهن قبائلي جهيڙن ۾ ڪافي قيمت ادا ڪئي آهي ۽ هن وقت اسان جو نوجوان نسل تعليم جي طرف راغب آهي، اسان کي ٻيهر هٿيار کڻڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي جيڪڏهن ٽن ڏينهن ۾ اسان جي اغوا ٿيل ماڻهن کي آزاد نه ڪرايو ويو ته اسان پرامن احتجاج جو حق رکون ٿا.