وڏي وزير ۽ نادر مگسي وچ ۾ قمبر شهدادڪوٽ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تان تڪرار

0
775

قمبر:وڏي وزير ۽ نادر مگسي وچ ۾ قمبر شهدادڪوٽ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تان تڪرار پيدا ٿي ويو آھي، وزيراعظم شھباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي جي موجودگيءَ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي

نادر مگسي پاران وزيراعظم شھباز شريف کي ٻوڏ جي صورتحال بابت بريفنگ دوران وڏي وزير مراد علي شاھ کي مشورو ڏنو ويو تھ  ڌامراهه واهه وٽان پاڻيءَ کي دڳ ڏيو، جوهي برانچ جون سموريون شاخون ٽوڙي ڇڏيو، پاڻيءَ کي منڇر رستي درياهه ۾ وڃڻ ڏيو

Massive Flood Warning Issued for South Punjab After KP

ان دوران ؟ وڏي وزير مراد علي شاھ جواب ڏنو ته ميهڙ وارا سمجهن ٿا ڌامراهه ويو ته ميهڙ به ٻڏي ويندو، درياهه ۾ اڃا چاڙهه آهي ايڏو پاڻي ڪيئن ڇڏيون

 نادر مگسي جو دليل ڏنو تھ درياهه ۾ لاٿ آهي پاڻي روز گهٽجي رهيو آهي، جڏھن تھ بلاول ڀٽو زرداري وڏي وزير ۽ نادر مگسي جي بحث ۾ مداخلت ڪئي ۽ ھدايت ڪئي تھ وزيراعظم کي بريفنگ وٺڻ ڏيو بعد ۾ ويهي ڳالهائجو

وزيراعظم شهباز شريف وڏي وزير ۽ نادر مگسي ۾ جملن جي ڏي وٺ تي مرڪندو رهيو، وزيراعظم پاران به پاڻي جلد ڪڍڻ جي هدايت ڪئي وئي

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد: باغ يوسف وٽ ڪٽ ڏيڻ بعد منڇر جي پاڻي تباهي مچائي ڇڏي

ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ برقرار

سپاهي کان وٺي جرنيل تائين، فوج جو هر جوان مجب وطن آهي: آصف علي زرداري