ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) غوثپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد ڏاهاڻي واسي عبدالوحيد ڏاهاڻي کي هٿياربند مڇي فارم تان اغوا ڪري ويا.2 ڏينهن اڳ ڳوٺ اشرف بجاراڻي واسي نوجوان شهزادو قمبراڻي کي هٿياربند اغوا ڪري ويا.5 ڏينهن اڳ غوثپور ٿاڻي جي حد مان هٿياربند لاڙڪاڻي واسي ٽرڪ ڊرائيور رضوان ناريجو، رجب سولنگي، مسعود سولنگي، اسد سولنگي کي ڪچي طرف کڻي ويا.گڊو مان ٽيڪسي ڊرائيور ذوالفقار شيخ سميت 2 ڄڻا اغوا ٿيل آهن.مغوين جي بازيابي لاءِ به پوليس ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا. مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته پوليس هيل تائين ضلعي مان اغوا ٿيندڙ مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به ڪوششون ناهن ڪيون. هوڏانهن پوليس ڏوهي وارداتن کي روڪي ته نه سگهي پر پوليس پاڻ به غير محفوظ بڻيل آهي، 2 ڏينهن اڳ تنگواڻي ٿاڻي جي حد حيات کوسو پڪٽ ڀر سان هٿياربندن هٿان شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار عبدالنبي بجاراڻي جو ڪيس به داخل نه ٿي سگهيو. هوڏانهن  ضلعي اندر اغوا وارداتون وڌڻ بعد ايس ٽي پي احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي جو چوڻ هو ته ضلعي اندر روز اغوا جون وارداتون وڌي رهيون آهن. ضلعي اندر پوليس رٽ کي مضبوط ڪري ڏوهارين کي ٻنجو ڏنو وڃي. ايس ايس پي ڪشمور ذيشان شفيق صديقي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏوهارين جا ساٿي گرفتار ڪرڻ بعد سندس ساٿي اهڙيون ڪاروايون ڪري رهيا آهن.