غوثپور (ن پ ا ) غوثپور ويجهو ڳوٺ خان محمد ڏاھاڻي ۾ ھٿياربند مڇي جي فارم تي پھرو ڏيندڙ چوڪيدار عبدالوحيد ڏاھاڻي کي اغوا ڪري ويا. پوليس ڪچي ۾ پيرو وڃائي موٽي آئي. نوجوان جي وارثن غوثپور جي مين انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جي قطارون لڳي ويون. ايس ايچ او غوثپور ليمون لاشاري مظاهرين کي منٿون ڪري روڊ کولرايو. وارثن ميڊيا کي ٻڌايو  ته نوجوان مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڪري رهيو هو ته کيس هٿياربند اغوا ڪري ويا. هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور نوٽيس وٺندي غوثپور ٿاڻي تي مقرر ايس ايچ اوليمون لاشاري کي بدلي ڪري سندس جاءِ تي احمد نواز جکراڻي کي مقرر ڪري ڇڏيو.