لنڊن (دلچسپ نيوز) عورت ڪوما جي حالت ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب برطانيا جي شهر نيوپورٽ ۾ 27 ورهين جي مريم احمد ڪورونا سبب ڪوما ۾ هئي. جنوري ۾ سندس ڪورونا رپورٽ مثبت آئي کيس ساهه جي تڪليف وڌي وڃڻ بعد اسپتال داخل ڪيو ويو ته هو ڪوما ۾ هلي وئي، عورت جي پيٽ ۾ ڪوما ۾ وڃڻ کان اڳ ئي 29 هفتن جو ٻارڙو هو، سندس حالت وڌيڪ خراب ٿيڻ بعد مريم احمد جوآپريشن ذريعي ويم ڪيوويو ته ڪمزورٻارڙي پيدا ٿي جنهن جو وزن رڳو 1.17 ڪلوگرام هو، ويم جي اڌ ڪلاڪ بعد کيس هوش اچي ويو پرڪورونا ضابطن جي ڪري هو پنهنجي ٻارڙي کي ڏسي نه سگهي جڏهن ته سندس مڙس ۽ ٻين ڀاتين کي پڻ ٻارڙي جي پيدا ٿيڻ بعد فون ڪري گهرايو ويو.