عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمر ڪوٽ ۾ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ ۽ پارلياماني سيڪريٽري طارق خان کليل ڪچھري ڪئي، جنهن دوران ماڻهن شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، مقتول شرافت راجپوت جي ڀاءُ عدنان راجپوت چيو ته سندس ڀاءُ کي 20 مھينا اڳ سري عام گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو جنھن ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي پوليس گرفتار نه ڪري سگھي آھي، حيسڪو بابت شڪايت ڪندي گھنشام بجير چيو ته واپڊا وارا رڳو پ پ حامين کي ڊڊيڪشن بل، اوور ريڊنگ ڏيڻ ۽ ڪنيڪشن ناجائز طور ڪاٽڻ ۾ مصروف آھن، عمرڪوٽ جي مقتوله جنتا مالھي جي ڀاءُ بادشاھ مالھي چيو ته پ پ جو ورڪر آھيان پر منھنجي ڀيڻ جي مبينا قتل ۾ ملوث جوابدار کي پوليس گرفتار نٿي ڪري، سماجي اڳواڻ جانب دلواڻي چيو ته تعليم ۽ اسڪول جو مسئلو اٿارڻ تي بااثر وڏيرا دشمن بڻجي ويا آھن، جن رستو بند ڪري ڇڏيو آھي، آر او پلانٽ جي ملازمن مطالبو ڪيو ته کين مستقل ڪيو وڃي، اين پي ڊبليو آءِ ملازمن ۽ استادن به کين مستقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، آبادگار اڳواڻن راڻا رميز، علي رضا راڄڙ ۽ ٻين چيو ته چوٽياريون ڊيم ۾ پاڻي جي ليول 04 فوٽن تي اچي پھتي آھي چيٽ جو فصل نه ٿيندو ۽ عمرڪوٽ ضلعو زرعي تباھي جو شڪار ٿي ويندو، آبپاشي عملدار ڪجھه به ڪرڻ لاءِ تيار ناھن، نبي سر روڊ لڳ احمد آباد اسٽيٽ ۾ 80 ٻارڙن کي گرلس اسڪول مان تڙي ڪڍڻ واري معاملي بابت ڄاڻ ڏيڻ تي صوبائي صلاحڪار سخت نوٽيس ورتو ۽ ڊي اي او تعليم کان پڇاڻو ڪيو ته مسئلو ڪڏھن حل ٿيندو، جنھن تي ڊي اي او پرائمري دوارڪو مل چيو ته ھڪ ھفتي اندر اسڪول جو مسئلو حل ڪيو ويندو،کليل ڪچھري کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي منظور وساڻ چيو ته 2022 ۾ آڪٽوبر کان اڳ اليڪشن ٿيندي، عمران خان وزيراعظم نه ٿيندو، اھڙو خواب تازو ڏٺو اٿم. هن چيو ته پي ڊي ايم عملي طور پ پ ۽ اي اين پي بعد ٽٽي ويو آھي، پي ڊي ايم وارا پ پ کان معافي وٺن ته ٻيھر اتحاد ۾ شامل ٿيڻ بابت سوچي سگھجي ٿو، ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بابت به خواب ڏٺو آھي ته ھو ايندڙ وزير اعظم ھوندو، هن چيو ته ارسا سنڌ جي عوام سان دشمني پئي ڪري، ھن چيو ته شڪايتن بابت وڏي وزير کي آگاھ ڪندس، حيسڪو وارا عملدار ڪچھري ۾ نه آيا جن کان به وضاحت وٺندس.