عمرڪوٽ (رپورٽر) کوکراپار ٿاڻي جي حد ۾ چوري واردات دوران گرفتار ڪيل چور فرار ٿي ويو، ان ڏس ۾ کوکراپار پوليس زخمي چور غلام محمد خاصخيلي کي علاج لاءِ سول اسپتال عمرڪوٽ آندو ھو جتان چور کي حيدرآباد نيو ويو، علاج بعد واپس ايندي پنھور ھوٽل لڳ زخمي چور موقعو ڏسندي پوليس کان فرار ٿي ويو،  ان سلسلي ۾ ايس ايچ او کوکراپار ٻڌايو ته ڊاڪٽرن زخمي چور کي وڌيڪ علاج لاءِ موڪليو ھو اسان کي فرار ٿيڻ جو اطلاع مليو آھي، فرار ٿيل جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن پوليس ٻه ڏينھن گذرڻ بعد ان وقت ڪيس داخل ڪيو آھي جڏھن چور فرار ٿي ويو آهي.