عمرڪوٽ (رپورٽر) صحت کاتي عمرڪوٽ جي نااهلي سبب 2018 ۾ ويڪسينيٽرن لاءِ آيل ڪروڙين رپين جون نيون موٽر سائيڪلون عمرڪوٽ جي شهر ڀرسان وهرو باءِ پاس روڊ تي صحت کاتي جي اڪائونٽنٽ جي چوپائي مال جي واڙي ۾ سڙي رهيون آهن، جڏهن ته وهرو باءِ پاس تي صحت کاتي جي اڪائونٽنٽ شجاع ميمڻ جي مال جي واڙي ۾ 50 کان وڌيڪ موٽرسائيڪل، ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل راشن بيگ، ٽينٽ ۽ صحت کاتي جو هڪ وڏو جنريٽر مال جي واڙي تي پيل آهي جنھن جو ضلعي انتظاميا توڙي چونڊيل نمائندن ۾ ڪنھن به نوٽيس نه ورتو. جڏهن ته ضلعي ۾ هڪ سو کان مٿي ويڪسينيٽر ملازمن ۾ 60 ويڪسينيٽر بغير موٽرسائيڪل جي فيلڊ ۾ وڃڻ لڳا آهن جنھن ڪري کيس سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي. چوپائي مال جي واڙي ۾ بيٺل موٽرسائيڪلن بابت رابطو ڪرڻ تي ڊي ايچ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر الهداد راٺوڙ چيو ته موٽرسائيڪلون منهنجي وقت کان پهرين کان آيل آهن جيڪي ويڪسينيٽرن کي ڏنيون وينديون، باقي جنريٽر ۽ ٻوڏ متاثرن جي آيل سامان بابت مون کي ڪابه ڄاڻ ناهي. ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ويڪسينيٽر ملازم جي اڳواڻ ڏونگر پوري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ هڪ سو کان مٿي ويڪسينيٽر مقرر ٿيل آهن پر 50 سيڪڙو ويڪسينيٽرن ملازمن کي موٽرسائيڪل نه ملي سگهيا آهن جنهن جي ڪري فيلڊ ۾ وڃڻ مشڪل بڻيل آهي.