شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ بحريه ٽائون سنڌ جي والار خلاف سول سوسائٽي جو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان ڏس ۾ شھدادپور جي باشعور عوام ۽ سول سوسائٽي جي سڏ تي سنڌ جي زرخيز زمين ۽ سنڌي وسندين تي بحريا ٽائون پاران قبضن خلاف سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي ۽ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ غلام مصطفيٰ سومرو، فياض خاصخيلي، اسلم آزاد، صدام کوسو پاران لطيف چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري بحريه ٽائون انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. اڳواڻن خطاب ۾ چيو ته بحريا ٽائون انتظاميا هڪ سازش تحت سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري رهي آهي. هنن چيو ته سنڌ جي عوام پاران احتجاجن ۽ عدالتي اسٽي باوجود بحريه ٽائون ذاتي فورسز ۽ طاقت ذريعي والار ڪري عدالتي فيصلن کي ٿُڏي ڇڏيو آهي، مظاهرين چيو ته اسان سنڌ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت ڪنداسين ۽ والار ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين ۽ هاڻ احتجاج ۽ مذمت نه پر مزاحمت ڪنداسين. هنن چيو ته 6 جون تي بحريه ٽائون جي مُک گيٽن آڏو ڌرڻو هڻي سنڌ سان محبت ۽ جيجل جي حفاظت جو وچن ورجائينداسين.