حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مير عبدالڪريم ٽالپر سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي مصنوعي کوٽ تي ديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب آبادگار طبقو استحصال جو شڪار ٿي رهيو آهي. گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ سبب ساڍا 17 لک ايڪڙن تي سارين جي پوکائي متاثر ٿي رهي آهي، جنهن ڪري آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن. جيڪڏهن سارين جي پوکي ٿي به ته اها هاڻي پاڇاٽي هوندي جڏهن ته امڪاني برساتن سبب سارين جي فصل کي نقصان جو پڻ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ طرف پاڻي جو بحران آهي ته ٻئي طرف آبادگارن کي زرعي جنسن جا مناسب اگهه نٿا ملن، نه ڦُٽي جو اگهه مناسب ٿو ملي ۽ نه ئي وري ڪمند جي آبادگار کي ڪو رليف ٿو ملي. سنڌ جي ننڍي وڏي شهر ۾ آبادگار سراپا احتجاج آهن ان ڪري اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري طور چشما جهلم لنڪ ڪئنال کي بند ڪري گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.