ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناليواري سماج سڌارڪ سيد نديم احمد نقوي چيو آهي ته عوام عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کان مطالبو ڪري ته هو به عوام سان گڏ روڊ تي  هوندا خاص ايئرڪنڊيشن ڪنٽينر ۾ نه ويهندا. هڪ بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪارڪن پنهنجي ڪپتان کي چون ته جيستائين ڌرڻو جاري رهي هو پوري قيادت سان گڏ عوام سان گڏ روڊ تي رهي ۽ ڪنٽينر بلڪل استعمال نه ڪري. هن چيو ته جن به پي ٽي آءِ اڳواڻن جا ٻار بڄا پاڪستان ۾ آهن اهي به هن ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن ۽ عوام سان گڏ روڊ تي ويهن. ڇاڪاڻ ته رياست مدينا جي باني ۽ والي نبي ڪريم صلي الله وسلم بک جي شدت ۾ پهرين پاڻ پيٽ تي پٿر ٻڌو پوءِ صحابا کي صبر جي تلقين ڪئي هئي.