تلهار (ن پ ا) تلهار لڳ  ڳوٺ الهڏنو جوڻيجو ۾ فصل جي ڀيل تان  هاري مبينا طور ٻڪرار محبوب علي جوڻيجو تي حملو ڪيو، ڪهاڙي جو پاھو لڳڻ سبب ٻڪرار جو مٿو ڦاٽي پيو، جنهن ڪري ٻڪرار زخمي ٿي پيو،  جنهن کي سول اسپتال تلهار مان طبي امداد ڏيئي انڊس اسپتال بدين روانو ڪيو ويو، تلهار ٿاڻي تي جوابدار شڪور جوڻيجو خلاف اين سي داخل، گرفتاري نه ٿي سگهي.