جڪارتا(اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ هاڪي ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ هڪ هڪ گول تان برابر ٿي وئي. انڊونيشيا جي گادي واري هنڌ جڪارتا ۾ ٿيندڙ ايشيا ڪپ جي اهم ميچ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو. پهريون ڪوارٽر ۾ سخت مقابلو ٿيو، شروع ۾ ٻنهي ٽيمن کي پينالٽي ڪارنر مليا پر ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. ڀارت ٽئين ملندڙ پينالٽي ڪارنر ۾ ڪارتي سلوام گول ڪيو ۽ ڀارت کي هڪ گول جي برتري ڏياري. ٻئي ۽ ٽئين ڪواٽر ۾ ٻنهي ٽيمن کي گول ڪرڻ جا موقعا مليا پر ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. پاڪستاني گول ڪيپر ڪيترائي گول روڪي ڀارت جو اسڪول اڳتي وڌڻ نه ڏنو. چوٿين ۽ آخري ڪواٽر ۾ پاڪستان بهتر راند پيش ڪئي، ميچ جي آخري لمحن ۾ پاڪستان جي رانا عبدالوحيد گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. پاڪستاني گول ڪيپر اڪمل حسين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. پاڪستان اڄ ٻي ميچ ۾ انڊونيشيا سان مهاڏو اٽڪائيندو.