لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق وزير اعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو  آهي ته عمران خان ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن. لاهور ۾ مڪاني چونڊن جي تيارين جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته ملڪ ۾ پلس، مائنس جي ڪا گنجائش ناهي، سمورن مسئلن جو حل اهو آهي ته عمران خان گهر هليو وڃي ۽ چونڊون ٿين. هن چيو ته وزير اعظم عالمي پينو فقير بڻجي ويو آهي، حڪومت هلڻ جي لائق ناهي رهي، حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 3 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي، مهانگائي جو ماريل عوام بي حال ٿي چڪو آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته هي حڪومت سموري بُراين جي پاڙ آهي، چوندا هئا اسان وٽ معيشت جو حل موجود آهي، هي ماڻهو پراڻا پارٽس نئين مشين ۾ لڳائي هلائي رهيا آهن.