اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اڄ سومر ڏينهن شام چار وڳي  ٿيندو، اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ 17 نقاطي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏي آھي، ايجنڊا ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن شازيه مري، سيد نويد قمر، نوبزاده افتخار احمد خان ،خورشيد جوڻيجي، ۽ سيد غلام مصطفي شاهه پاران ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيدا ٿيل کوٽ بابت حڪومت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڌيان طلب نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آھي، ڄاڻايل ميمبر لاڳاپيل وزير کان يوريا ڀاڻ بابت سوال ڪري جواب حاصل ڪري سگهندا،  ايجنڊا موجب قومي اسيمبلي ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي ٿيندي ان کانسواءِ ٽي حڪومتي بلن جي منظوري به ايجنڊا ۾ شامل آھي.