عمران خان جي ليول جو ماڻهو پاڪستان ۾ ناهي، فضل الرحمان، مريم نواز، شهباز شريف ۽ بلاول سياسي ڄامڙا آهن: فواد چوڌري

0
220
اُميد آھي ته بي اعتمادي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي ليول جو ماڻهو پاڪستان ۾ ناهي، فضل الرحمان، مريم نواز، شهباز شريف ۽ بلاول هي سڀ بونا آهن، هنن جي عالمي سطح تي آواز نه پيو ٻڌو وڃي

جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري تحريڪ عدم اعتماد جي حوالي سان چيو ته هي منهن ۽ مسور جي دال، هنن کان بي اعتمادي جي رٿ ڪٿان ايندي، هنن تي ته پنهنجا گهر وارا ئي اعتماد نٿا ڪن، سينيٽ ۾ اڪثريت باوجود ڪجهه نه ڪري سگهيا

وفاقي وزير چيو ته قومي اسيمبلي ۾ هي ڇا ڪندا، جيڪڏهن جرت آهي ته سڀاڻي ئي بي اعتمادي رٿ آڻي ڏيکارين، عمران خان جي حڪومت نه وفاق ۾ خطرون آهي نه ئي پنجاب ۾، هي پاڻ ئي ناڪام ٿي ويندا

فواد چوڌري چيو ته اسان آءِ ايم ايف کان هڪ ملين ڊالر ورتو آهي، لنڊن ۾ حسين نواز جي اپارٽمينٽ جي قيمت ئي بلين ڊالر آهي، جيڪڏهن مريم نواز جي دل ۾ احساس آهي ته پنهنجي ڀائرن کي چوي ته پاڪستان جا پيسا واپن ڪن

ھي به پڙھندا

شريف خاندان جي هر پلان لاءِ تيار آهيان، هنن کي شڪست به ٿيندي ۽ جيل به ويندا: وزيراعظم عمران خان