فهميده سيال قتل ڪيس: عدالت پاران شهيد اسراڻ جي موت جو سرٽيفڪيٽ طلب

0
268
فهميده سيال قتل ڪيس

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر ويجهو خيرپور جوسو ۾ 3 مهينا اڳ پلاٽ جي معاملي تان قتل ٿيل عورت فهميده سيال جي ڪيس جي ٻڌڻي لاڙڪاڻي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي

ٻڌڻي دوران فريادي تقي سيال پنهنجي وڪيل رياض کوسو ۽ جوابدار ڌر طرفان تصور اسراڻ، عزيز عرف ميجر اسراڻ، سيف الله شاهاڻي، طالب لاڙ ۽ ٻيا پيش ٿيا

عدالت جاچ آفيسر کان ڪيس ۾ نامزد پي پي پي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جي پيءُ ڊاڪٽر شهيد اسراڻ ۽ مامي نديم اسراڻ جي ملڪيتن بابت تفصيل معلوم ڪيا

 ان تي جاچ آفيسر عدالت ۾ ڊاڪٽر شهيد اسراڻ جي موت جو ڪچو ڊيٽ سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ڪمپيوٽرائيزڊ ڊيٿ سرٽيفڪيٽ پيش ڪرڻ سان گڏ حد جي ايس ايڇ او کان معلومات جمع ڪرائي وڃي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي پهرين مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

واضع رهي ته ساڳي ڪيس ۾ نامزد پي پي پي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ جو پيءُ ڊاڪٽر شهيد اسراڻ گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو