لاڙڪاڻو: راشد محمود سومرو تي فائرنگ واقعي ۾ 15 ڄڻا گرفتار

0
415
لاڙڪاڻو: راشد محمود سومرو

لاڙڪاڻو (بيورو  رپورٽ) جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومرو تي فائرنگ وارو واقعي ۾ پوليس ڪنگا ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي 15 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو

پوليس ذريعن موجب پوليس هٿياربندن جا پيرا کڻي مغيرين جي ڳوٺ ۾ هنيا، جنهن تي پوليس مغيري ذات سان تعلق رکندڙ 15 ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيلن راشد محمود سومرو تي فائرنگ جو اعتراف ڪيو آهي، جن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا جاري آهي

گذريل رات لاڙڪاڻي کان جلسي ۾ ميروخان ويندي جي يو آءِ اڳواڻ جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ راشد محمود سومرو معجزاڻي طور محفوظ رهيو، سندس گارڊن جي جوابي فائرنگ ۾ هٿياربند فرار ٿي ويا هئا

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي وزير محمد ميان سومرو راشد محمود سومرو سان رابطو ڪري سندس خيريت ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا

جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ پ پ ايم پي اي سهيل انور سيال به راشد محمود سومري سان رابطو ڪري همدردي ڪئي