راولپنڊي (م ڊ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر چيو آهي ته فيصل آباد ۾ هڪ سياسي جلسي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين پاران پاڪ فوج جي سينيئر قيادت بابت توهين جوڳي ۽ غيرضروري بيان تي پاڪ فوج ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ آهي. آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته پاڪ فوج جي اعليٰ قيادت کي هڪ اهڙي وقت ۾ بدنام ۽ ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن هر روز پاڪستاني عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ جانيون قربان ڪري رهيا آهيون. آءِ ايس آر موجب آرمي چيف جي مقرري بابت آئين ۾ طريقيڪار واضح آهي، انکي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سينيئر سياستدانن جو طرز عمل انتهائي افسوسناڪ ۽ مايوس ڪندڙ آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته پاڪ فوج جي سينئر قيادت جي اهليت ۽ حب الوطني ڏهاڪن تي ٻڌل بي داغ، شاندار عسڪري خدمتن سان ظاهر آهي، فوج جي سينيئر قيادت تي سياست ڪرڻ ۽ آرمي چيف جي چونڊ جي عمل کي تڪراري بڻائڻ نه پاڪستاني رياست ۽ نه وري اداري جي مفاد ۾ آهي، پاڪ فوج اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي پاسداري لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪري ٿي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن فيصل آباد ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو هو ته موجوده حڪمرانن جو اليڪشن کان ڀڄڻ جو مقصد نومبر ۾ مرضي جو آرمي چيف لڳائڻ آهي.