ڪراچي/حيدرآباد (نمائندن وٽان) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان جا انٽرويوز سندس ئي خلاف چارج شيٽ ثابت ٿي رهيا آهن، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران 2 صوبن  پنجاب ۽ ڪي پي ۾ جنرل (ر) باجوه جي چوڻ تي حڪومت ختم ڪئي، انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته سندس سياست 100 سيڪڙو ڪوڙ تي بيٺل آهي، هن چيو ته عمران خان 2 صوبن جي حڪومت ختم ڪرڻ کان اڳ جنرل باجوه خلاف مهم شروع ڪئي هئي، انهي صورت ۾ هن سندس چوڻ تي 2 صوبن ۾ حڪومت ختم ڇو ڪئي؟  عمران خان جي اهڙي عمل مان ثابت ٿئي ٿو ته هُو عوام کي بيوقوف سمجهي رهيو آهي، سندس ڪنهن ڳالھ تي اعتبار ڪري نه ٿو سگهجي، هن چيو ته عمران خان ذهني مريض بڻجي چڪو آهي، سندس مقصد پاڪستان سان دشمني آهي، هن چيو ته عمران خان جا پيروڪار اکيون کولي کانئس پنهنجي جان ڇڏائين.