اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پاران اعتماد جو ووٽ وٺڻ جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن جڏهن ته حڪومتي ڌرين ان دعويٰ جي ترديد ڪئي آهي. ان ڏس ۾ پي ڊي ايم سان مشاورت به مڪمل ڪئي وئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وزيراعظم هلندڙ هفتي ئي اعتماد جو ووٽ وٺندو. ذريعن موجب 27 اپريل تي وزراعظم سمورن پارٽي ۽ اتحادي پارٽين جي ايم اين ايز کي اسيمبلي ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف 27 اپريل واري قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ وٺندو.  ٻئي پاسي ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف موجوده بحراني ڪيفيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو فيصلو ڪرڻ وارو به آهي. هوڏانهن حڪومت اهڙين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. حڪومتي ترجمان مريم اورنگزيب ترديدي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو، ان ڪري افواهه پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. عوام، پارٽي، ۽ اتحادي پارٽين جو گڏيل اميدوار وزيراعظم شهباز شريف 11 اپريل 2022ع تي اعتماد جو ووٽ وٺي چڪو آهي. هوڏانهن ميڊيا رپورٽن موجب وزيراعظم شهباز شريف پاران اتحادين جو اجلاس 26 اپريل تي طلب ڪيو ويو آهي. اتحدي پارٽي جو اجلاس ساڍي ٻارهين بجي وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو.