ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ بلاول هائوس مٿان سندس قتل جي سازش تيار ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي، ان حوالي سان هن چيف جسٽس کي خط لکي پنهنجن خدشن کان آگاهي ڏني آهي،  حليم عادل پنهنجي خط ۾ چيو آهي مون تي اڳ ۾ به سازش تحت ڪيترائي حملا ڪرايا ويا، ڪوڙو ڪيس داخل ڪري جيل اندر به مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، هن چيو ته بلاول هائوس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سازش رٿي وئي آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو جي حڪم تي وڏي وزير مونکي قتل ڪرڻ جي ذميواري ورتي آهي. وزير اعليٰ جي پي ايس او ڊي آءِ جي فرخ بشير کي خصوصي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڌمڪين باوجود مون کي فراهم ڪيل پوليس سيڪيورٽي به واپس ورتي وئي آهي، هن خط ۾ لکيو آهي ته آءِ جي سنڌ مون کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي، هن چيو ته منهنجي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته مون کي مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪيو ويندو يا مون کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري قيد ۾ قتل ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ عدليه کانسواءِ ڪنهن به اداري مان انصاف جي اميد ناهي. مون کي تحفظ  فراهنم ڪيو وڃي