اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز شريف وزيراعظم عمران خان جي سياسي جدوجهد کي جمهوريت جي خلاف قرار ڏيندي چيو آهي ته هڪ ملڪ جو وزيراعظم ملڪي مامرا جادو ٽوڻي سان هلائيندو ته ان سان ملڪ جو مذاق اڏايو ويندو، عمران خان کي گهرجي ته جادو ٽوڻو عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪري، عمران خان توهم پرستي تي يقين رکندو آهي، وزيراعظم عمران خان طوطا فال وارو وزيراعظم آهي، تفصيل موجب ڪالهه مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن چيو ته نيب وارن جيڪا ضمانت رد ڪرڻ بابت درخواست داخل ڪئي وئي آهي ان ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن مان اهي لفظ استعمال ڪندڙ سپر هيرو شخص سان ملڻ چاهيان ٿي ۽ ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته منهن جو اهو همدرد ڪير آهي، نيب جي درخواست ۾ منهنجي حوالي سان جيڪا زبان استعمال ڪئي وئي آهي ان مان اهو لڳي ٿو ته هو مون کي ڊيڄارڻ چاهين ٿا، مان نه ڊڄندس جعلي ڪيسن کان ڊڄڻ واري ناهيان، نيب جي درخواست ڏسي مون کي ائين لڳو ته ننڍڙا ٻار ڊڄي ويا آهن، هن چيو ته عمران خان آئيني ۽ چونڊيل وزيراعظم ناهي، نواز شريف جي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻي عمران خان وزيراعظم بڻيو، جنرل فيض جي خلاف جيڪا منهنجي درخواست آهي ان جو جواب نه ڏنو ويو آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ان ڪرسي تي قبضو ڪري ويٺو آهي هو ملڪي مامرا آئين ۽ قانون مطابق هلائڻ بجاءِ جادو ۽ ٽوڻي سان هلائي رهيو آهي، جنات جي ٽائيمنگ ۽ طوطا فال ذريعي تقريرون ڪري ملڪ جو مذاق اڏايو پيو وڃي، عمران خان طوطا فال وزيراعظم آهي، هڪ شخص جي مقرري لاءِ ملڪي وقار کي تباهه ڪيو ويو آهي، عوام کي بيوقوف سمجهيو پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت تاريخي قرض حاصل ڪيا آهن، هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ ڪو به سياسي اختلاف ناهي.