اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو + م ڊ) وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل باجوا ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري بابت مشاورت مڪمل، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو اڄ اعلان ٿيڻ جو امڪان، دفاع وزارت پاران نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ لاءِ سمري وزيراعظم آفيس پهچڻ جا اطلاع آهن. ان حوالي سان سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري تي مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جو پراسيس شروع ٿي چڪو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو وري سول ۽ فوجي قيادت اهو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي استحڪام، سالميت ۽ ترقي لاءِ سمورا ادارا متحد ۽ هڪ آهن، نجي ٽي وي چينل ڊان نيوز سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته اهو معاملو جلد حل ٿي ويندو، ڪو ٽائيم فريم نٿا ڏئي سگهون، هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي صورتحال، افغانستان جي حالتن ۽ آءِ ايم ايف سان جاري ڳالهين جي روشني ۾ هڪ ئي مستحڪم نقطو آهي ته پاڪستان جا سول-عسڪري ادارا هڪ پيج تي آهن، جيڪڏهن ڪو رخنو اچي ٿو ته پاڪستان کي وڏو نقصان ٿيندو، سمورن ادارن جي متحد رهڻ ۾ ئي ملڪ جو مفاد آهي اسان جا وڏا به اها ڳالهه سمجهن ٿا، ان لاءِ ڪو به اهڙو مسئلو نه ٿيندو. چونڊ سڌارن بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته اسان جي چونڊ عمل تي اعتبار ناهي جڏهن ته اسان جي سياسي چال اها هوندي آهي ته اپوزيشن پارٽيون ان ڪوشش ۾ هونديون آهن ته حڪومت ۽ فوج ۾ اختلاف ٿين، اسان اسٽبلشمينٽ يا فوج سان گڏجي سازش ڪريون ۽ حڪومت کي هٽايون، اها ئي اسان جي سياسي تاريخ آهي. ٻئي طرف نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ دفاع وزارت پاران وزيراعظم آفيس کي سمري اماڻڻ جا اطلاع آهن،اهڙي سمري تي وزيراعظم پاران اڄ صحيح ڪرڻ ۽ نئون ڊي جي آءِ ايس آءِ اڄ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته آءِ ايس پي آر طرفان 6 آڪٽوبر تي ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم جِي نئين ڊي جِي آءِ ايس آءِ طور مقرري جو اعلان ڪيو ويو هو.