عادلپور (رپورٽ: ماجد علي ڪلوڙ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمان چاچڙ ۾ ڀاڄائي ڏيرن هٿان قتل، جوابدار فرار، پوليس مقتولا جي مڙس کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. عورت طاهره چاچڙ جي قتل جي اطلاع تي عادلپور پوليس ٻن ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايچ او عادلپور قابل ڀيو موجب عورت جي مڙس صالح چاچڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. مقتولا جي مڙس جو چوڻ هو ته هو مزدوريءَ لاءِ گهوٽڪي ويل هو. اطلاع مليو ته گهرواري پستول جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي. پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. عادلپور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت کي سندس ڏيرن پرويز چاچڙ، طارق ۽ مڙس صالح چاچڙ قتل ڪيو آهي، جن مان صالح کي گرفتار آهي، باقي جوابدار فرار ٿي ويا آهن. معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. عورت جي قتل جو ڪارڻ  معلوم نه ٿي سگهيو آهي. نه وري واقعي جو ڪو ڪيس داخل ٿي سگهيو هو.