ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾مقابلا، ڪار لفٽر زخمي حالت ۾ گرفتار، سپاهي زخمي ، اي وي ايل سي پوليس ناظم آباد ۾ مبينه مقابلي بعد جوابدار سجاد لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، سندس قبضي مان پستول، گوليون ۽ ڦر ڪيل ڪار  هٿ ڪئي وئي. پوليس موجب جوابدار 20147 ۾ مارجي ويل بدنام ڪار لفٽر عبدالمجيد لاشاري جو ڀائٽيو آهي، سندس والد ۽ ڀاءُ به ڪار لفٽر آهن هوڏانهن بهادرآباد جي  سب وي چورنگي وٽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پوليس اهلڪار موسيٰ رضا زخمي ٿي پيو، پوليس جي فائرنگ ۾ جوابدار به زخمي ٿي پيا، جيڪي زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويا