تنگواڻي (ن پ ا) ڀٽائي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڳوٺ آدم خان جکراڻي ۾ مرهيٽا ۽ حمزاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويل صالو حمزاڻي جو ٻئي ڏينهن زمينن مان لاش مليو، پوليس پيرا کڻندي گوليون لڳل لاش هٿ ڪري اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش سندس ڀيڻ حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن قتل ٿيل زال مڙس شريفان خاتون ۽ نياز علي مرهيٽو جا مڙهه آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا، پوليس موجب وارث جيئن ئي ايندا ڪيس داخل ڪيو ويندو.