باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي ڊيرالھيار ٿاڻي جي حد ۾ ڀنگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار تان ھوٽل تي ويٺل نوجوان شبير ڀنگر کي غلام سرور ڀنگر، اصغر علي ۽نادر ڀنگر لٺين ۽ ڪھاڙين سان حملو ڪري بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا. پوليس شبير ڀنگر جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ڊيرالھيار منتقل ڪيو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس ناڪابندي ڪري ٻن جوابدارن نادر علي ۽ اصغر علي ڀنگر کي گرفتار ڪري ورتو پوليس موجب ڀنگر برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ سڱاوتي تڪرار تان 3 جوابدارن نوجوان شبير احمد ڀنگر مٿان حملو ڪري لٺيون ۽ ڪھاڙيون ھڻي قتل ڪيو آھي ناڪابندي بعد ٻن جوابدارن نادر علي ۽ اصغر علي ڀنگر کي گرفتار ڪيو آھي.