عادلپور (رپورٽ: ماجد علي ڪلوڙ) عادلپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل محمد چاچڙ ۾ چاچڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙوٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سيف الله چاچڙ قتل ٿي ويو، مقتول جو لاش وارثن تعلقي اسپتال آندو، جڏهن ته واقعي جو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پر پوليس هڪ ڪلاڪ بعد پهتي، تعلقي اسپتال مان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي، ان حوالي سان نوجوان جي وارثن الله داد چاچڙ ٻڌايو ته چاچڙ برادري جي ماڻهن زمين جي تڪرار تان جهيڙو ڪيو، جنهن دوران جوابدارن فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان سيف الله چاچڙ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.ٻي طرف پنهنجي اخبار پاران حد جي ايس ايچ او سان رابطو ڪيو ويو پر سندس نمبر بند هو ۽ رابطو نه ٿي سگهيو.