دڙو (رپورٽ: حبيب الله ميمڻ) رورل ھيلٿ سينٽر دڙو مان بغير علاج موٽايل معصوم نياڻي گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي. دڙو لڳ ڳوٺ صالح محمد کوکر جي رھواسي علي اصغر کوکر جي 4 سالن جي معصوم نينگري رابعه کي گذريل رات دير سان گسيٽرو سبب رورل هيلٿ سينٽر دڙو اپھچايو ويو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب ماتحت عملي واپس گهر موٽائي ڇڏيو، نينگري گهر پهچڻ بعد فوت ٿي وئي. ان حوالي سان معصوم رابعه جي وارثن حاجي خان کوکر، علي اصغر کوکر، انب کوکر، مختيار کوکر ۽ ٻين ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته دڙو اسپتال ڪوس گهر بڻيل آھي. ڊاڪٽر نه ھئڻ سبب سيکڙاٽ عملو مريضن جي زندگين سان کيڏي رهيو آهي. اسان جي نياڻيءَ کي هٿ وٺي ماريو ويو. ھنن صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دڙو اسپتال جي نااھل انتظاميا خلاف نوٽيس وٺي نينگريءَ جي موت جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.