ٽنڊوباگو (ن پ ا) گرمي پد وڌڻ ڪري ٽنڊوباگو شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مرض ۾ اضافو ٿي ويو. گذريل پينهن تعلقي اسپتال ٽنڊوباگو ۾ ٻن معصوم ٻارن سميت ٽن مريضن کي گيسٽرو سبب داخل ڪيو ويو. ڄاڻايل ٻارن ۾ ٽن سالن جي بينظير ڏاھري، 4 سالن جي مھرو ملاح ۽ 50 سالن جي سوني ڪولھڻ شامل آهن. جڏهن ته سومار خاصخيلي، ارباب ملاح، سليم ڇلگري، زرينه ملاح، ٻارڙي عارف، مدثر سميت 20 کان وڌيڪ مريضن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽرن عام ماڻهن کي احتياطي اڀاءُ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي.