اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ ٻين سياسي اڳواڻن طرفان ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. صدر عارف علوي اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. صدر عارف علوي پرويز مشرف جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سندس لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته مرحوم جي گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم مرحوم جي مغفرت ۽ گهر ڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. نواز ليگ جي قائد نوازشريف به اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اطهار ڪيو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ نوازشريف پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي انالله واانااليه راجعون لکيو. ق ليگ جي صدر چوڌري شجاعت حسين اڳوڻي فوجي صدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان بيگم صهبا مشرف پٽ بلال مشرف ۽ ڌيءَ عائه مشرف سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آرمي ۽ ملڪ جي لاءِ پرويز مشرف جي خدمتن کي وساري نٿو سگهجي. پنهنجي بيان ۾ پرويز الاهي چيو ته اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي سندس خاندان سان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون. متحده اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو ته پرويز مشرف جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته جنرل پرويز مشرف پروفيشنل سولجر ۽ ملڪ ۽ جو سچو همدرد هو. هن ملڪي دفاع، پاڪ فوج پاڪستان لاءِ بهترين خدمتون انجام ڏنيون، سموري پاڪستاني قوم سندس خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.