مشهور ڀارتي ڳائڻي واني جي رام جو لاش هٿ

0
164
مشهور ڀارتي ڳائڻي

چنائي(شوبز نيوز) ڀارتي ۾ 80 جي ڏهاڪي ۾ مشهور ڳائڻي واني جي رام پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ هٿ آئي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڳائڻي جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڪم واري ماسي صبح هر هر گهٽي وڄائڻ باوجود دروازو نه کولڻ تي واني جي رام جي ڀيٽ کي گهرايو جنهن وٽ گهر جي متبادل چاٻي به هئي

ڊپلي ڪيٽ چابي جي مدد سان دروازو کولي ڏٺو ويو ته ماضيءَ جي مقبول ڳائڻي فرش تي ڪريل هئي ۽ هن جي مٿي مان رت وهي رهيو هو. ڳائڻي واني جي رام کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن جي موت جي تصديق ڪئي وئي. اڃا اهو واضح نه آهي ته ڳائڻي خودڪشي ڪئي يا اها حادثاتي طور تي ڪري فوت ٿي وئي آهي

پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته 19 زبانن ۾ گيت ڳائيندڙ ڳائڻي واني جي رام 1971ع ۾ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 3 ڀيرا ڀارت جا نيشنل فلم ايوڊارڊ پنهنجي نالي ڪيا

هن تقريبن 10 هزار کان وڌيڪ گيت ڳايا پر ڪافي عرصي کان ڳائڻ کي ڇڏي ڏنو هو