اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان بل 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل جو مقصد اسلام آباد ۾ نيشنل يونيورسٽي آف پاڪستان قائم ڪرڻ آهي، صدر پير روشان انسٽيٽيوٽ آف پروگريسو سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجيز، ميان شاهه بل 2023ع جي به منظوري آهي، ان بل جو مقصد ميان شاهه، خيبر پختونخوا ۾ پير روشان انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ آهي، صدر عارف علوي انهن بلن جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 70 ۽ 75 تحت ڏني آهي.