اسلام آباد (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي ملاقات ۾ علي امين گنڊاپور جو به ذڪر ٿيو، بلاول ڀٽو زرداري فضل الرحمان کان پڇيو ته گنڊاپور ڪيئن آهي؟ جنهن تي فضل الرحمان چيو ته گنڊاپور بهادر قوم آهي، ڪجهه ماڻهو قوم جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن، اهڙي جواب بعد فضل الرحمان، بلاول ۽ قمر زمان ڪائرا ٽهڪ ڏنا.