اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 صحيح بنا وري واپس موڪلي ڇڏيو. صدر بل واپسي بابت چيو ته قانونسازي جي اهليت، بل جي درستگي جو معاملو اعليٰ ترين عدالتي فورم سامهون ٻڌڻي هيٺ آهي. هن چيو ته معاملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ جي احترام ۾ بل تي وڌيڪ ڪا ڪارروائي مناسب ناهي. پارليامينٽ مان منظور ٿيل سُپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرل بل 2023ع ٻيهر صدر ڏانهن اُماڻيو ويو هو.