صدر طرفان مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار بعد پارليامينٽ ۾ بِل پيش ڪرڻ جو فيصلو

0
140
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور
قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي احتجاج دوران 7 آرڊيننس جي مدي ۾ 120 ڏينهن جي واڌ جو ٺهراءُ منظور

اسلام آباد: صدر طرفان مني بجيٽ لاءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ کان انڪار بعد پارليامينٽ ۾ بِل پيش ڪرڻ جو فيصلو، وفاقي ڪابينا آءِ ايم ايف جي شرطن تحت مني بجيٽ جو بل اڄ پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب فنانس بل جي سينيٽ مان منظوري جي ضرورت نه هوندي، قومي اسيمبلي ۾ رولز معطل ڪري هڪ ڏينهن اندر بِل پاس ڪرائي سگهجي ٿو، صدر پارليامينٽ مان منظور ٿيل بِل تي صحيح ڪرڻ جو پابند هوندو

 وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان اڳ ناڻي جي وفاقي وزير جي ايوانِ صدر ۾ صدر عارف علوي سان ملاقات ڪئي وئي، اسحاق ڊار طرفان آءِ ايم ايف سان طئي ٿيل معاملن بابت آگاهي ڏني وئي

صدر عارف علوي جو چوڻ آهي ته اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو، پارليامينٽ جو سيشن ترت گهرايو وڃي ته جيئن فوري طور قانون آڻي سگهجي

هي به پڙهندا

عمران خان عدليه جي گهوڙي تي سوار ٿي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: مريم نواز