سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ سي ٽي ڊي پوليس جون ڪاريون رڍون ملوث نڪتيون

0
173
سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ هٿيارن

جيڪب آباد: سنڌ ۽ بلوچستان وچ ۾ هٿيارن جي اسمگلنگ ۾ سي ٽي ڊي پوليس جون ڪاريون رڍون ملوث نڪتيون، جيڪب آباد ۾ رينجرز ڪارروائي ڪندي سي ٽي ڊي پوليس جي اي ايس آءِ ۽ اهلڪار سميت 3 ڄڻن کي هٿيارن سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي

 رينجرز موجب سبي کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ ڪار مان راڪيٽ لانچر جا 3 گولا، 4 فيوز ۽ ڪلاشن ڪوف جا 16 مئگزين هٿ ڪيا ويا

 گرفتار ڪيلن ۾ سي ٽي ڊي سبي جو اي ايس آءِ سلطان چاچڙ، اهلڪار جهانگير شاهه ۽ ڪار ڊرائيور نديم تنيو شامل آهن

 رينجرز  حراست ۾ ورتل ٽنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي پوليس ٽنهي جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، پوليس موجب جوابدار اهي هٿيار ڪنڌڪوٽ واسي علي حسن چاچڙ کي وڪرو ڪرڻ لاءِ کڻي وڃي رهيا هئا

هي به پڙهندا

عوام کي بجلي جو جهٽڪو: 4 مهينن ۾ 76 ارب ڏيڻا پوندا: ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي