اسلام آباد: صدر پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊ ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ جي ٻن سيڪشنن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جن ۾ هڪ سيڪش 94 شامل آهي، جنهن ۾ پهريان سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي حوالي سان طريقيڪار، ٽيڪنيڪل ۽ مالياتي مامرن بابت رپورٽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ڪرڻ جي شق موجود هئي، جنهن کي تبديل ڪري ايندڙ چونڊن لاءِ نادرا سميت ادارن کان سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪل مدد وٺڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 103 ۾ پهريان لکيل آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي تجرباتي بنيادن تي استعمال ڪري ان جي رپورٽ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پيش ٿيندي، پر هاڻي ان ۾ ترميم ڪري اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خريد ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، ان حوالي سان سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جاري ڪيل آرڊيننس تحت اليڪشن ڪميشن کي سمنڊ پار پاڪستانين کي ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ بااختيار بڻايو آهي، آرڊيننس ۾ اهو چيو ويو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي لاڳاپيل ملڪن ۾ ويهي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، هن چيو ته گذريل اليڪشن ۾ چيو ويو ته وقت گهٽ آهي، جنهن ڪري هن ڀيري عام چونڊن کان اڳ ئي هن آرڊيننس ذريعي وقت ڏنو ويو آهي ته جيئن چونڊ کان اڳ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ سسٽم ٺاهيو وڃي، هن چيو ته ان حوالي سان اسان اليڪشن ڪميشن، نادراکي اعتماد ۾ ورتو آهي، اسپين جي هڪ فرم سان به ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جيڪا اسپين جي فرم به ٽيڪنيڪل سپورٽ فراهم ڪندي.