حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي جيلن ۾ يد قيدين جي عيد تي 3 ڏينهن وارثن سان ملاقات ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اهو فيصلو گهرو کاتي جي هدايتن بعد آءِ جي جيل ۽ ڊي آءِ جي جيلز جي صلاح مشوري سان ٿيو آهي. عيد تي قيدين سان سندن وارثن جي ملاقات 12 مئي کان 14 مارچ تائين ڪرائي ويندي، ان سلسلي ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد جي جيل سپرنٽينڊنٽ ضياءُ الرحمان ٻڌايو ته کين آءِ جي جيل جون هدايتون آهن ته ڪورونا ايس او پيز کي نظر ۾ رکندي قيدين جي وارثن سان ملاقات ڪرائي وڃي. هن چيو ته سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيدين سان وارثن جي ملاقات گلاسز ذريعي ڪرائي ويندي ۽ قيدي انٽر ڪام ذريعي پنهنجي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگهندا. . هن چيو ته ڄاڻايل فيصلو سنڌ جي سمورن جيلن لاءِ آهي.