اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي عيد جي موڪلن ۾ گهرن ۾ رهڻ جي هدايت ئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اگر احتياط نه ڪيو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، ان ڪري حڪومت 10 کان 15 مئي تائين موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ به بند رهندا، شهري عيد جي موڪل دوران ڪٿي به گهمڻ نه وڃن، ڇو ته رستا بند هوندا، عيد جي رات تي مڪمل طور تي ڪاروبار بند ڪيو ويندو، صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت ان تي عملدرآمد ڪرائينديون، احتياط نه ڪيو ويو ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، صدر عوام کي مڪمل احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.