شھدادپور ۾ نوجوان ناري پوليس چوڪي پهچي وئي، کنڀڻ جو الزام

0
243

شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ نوجوان ناري دانهون ڪندي گودام پوليس چوڪي تي پهچي وئي، ساهرن تي زبردستي کڻي وڃڻ جو الزام، ناري ڪرن گرگلو جو چوڻ آهي ته مڙس روي داس ۽ ساهرا تشدد ڪن ٿا، زبردستي ڳوٺ کڻي وڃي رهيا آهن، وجهه وٺي ڀڄي نڪري پوليس چوڪي تي پناھ ورتي آهي، پوليس پاران ناري کي سول جج ۽ جوڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي بيان ڏنو ته مڙس ڏي نه وينديس، ڀيڻ سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، جنهن بعد عدالت پوليس کان لکت ۾ وٺي ناري کي ڀيڻ روينا جي حوالي ڪري ڇڏيو.