شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ڀرسان مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڄڻو گوليون هڻي هاف فراءِ، حيدرآباد منتقل، ان ڏس ۾ پير ڪوڙل رستي وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ غلام حيدر بروهي کي ڄنگهه ۾ گولي هڻي هاف فراءِ ڪيو ويو، زخمي کي سِمس اسپتال مان طبي امداد بعد حيدرآباد نيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته ٻرهوڻ روڊ تي گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل 3 ھٿياربندن پوليس مٿان فائرنگ ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ مقابلو ٿي پيو، هڪ ڏوهاري غلام حيدر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب گرفتار جوابدار ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيسن ۾ گهربل آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب هاف فراءِ ڪيل نوجوان کي ڪجهه ڏينهن اڳ سانگهڙ شھر مان گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي مختلف هنڌن تي رکيو ويو گذريل رات دير سان شھدادپور ڀرسان مقابلو ڄاڻائي هاف فراءِ ڪيو ويو.