ڏاهلي (ن پ ا) ڏاهليءَ ويجهو ڳوٺ ٻڳل ڀرسان ٽائي راڊ ٽٽڻ سبب مسافر لانگ جيپ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ گاڏيءَ ۾ سوار هڪ نوجوان ڪيول پٽ ڦرسو ميگھواڙ موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ وڌيڪ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. فوت ٿيل نوجوان جو لاش ۽ زخمين کي کيمي جو پار اسپتال نيو ويو. ضروري ڪارروائي بعد فوت ٿيل نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.