شڪارپور: بيگاري شاخ وٽ هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ ٿي وئي

0
384

شڪارپور: بيگاري شاخ وٽ نامعلوم شخص جو ٻوري ۾ بند ھٿ پير ٻڌل ۽ تشدد ٿيل لاش ھٿ آيو هو، جنهن جي سڃاڻپ خانپور واسي عبدالستار ولد عبدالرحمان لهر طور ٿي آھي. هٿ پير ٻڌل لاش جو اطلاع مينھون چاريندڙ ڌنارن حد جي پوليس کي ڏنو هو، پوليس واقعي واري هنڌ پھچي ڪري لاش کي تحويل ۾ وٺي آر بي يو ٽي سول اسپتال منتقل ڪيو بعد ۾ لاش جي سڃاڻپ خانپور واسي عبدالستار ولد عبدالرحمان لهر طور ٿي. مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته عبدالستار رڪشا ھلائي گذر سفر ڪندو ھو، سندس ڪنهن سان به ڪا دشمني نه آھي. لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.