شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ فائنل ۾ سنڌاليون  پتافي اليون کي شڪست ڏئي ٽائٽل کٽي ورتو. شيخ ڀرڪيو ڀرسان ڳوٺ موسيٰ خان پتافي ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جي فائنل ميچ ۾ سنڌ اليون ۽ پتافي اليون وچ ۾ مقابلو ٿيو. پتافي اليون ٽاس کٽي  پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 8  اوورن ۾ 90 رنز ٺاهيون. جواب ۾ سنڌ اليون رشيد ٿهيم 30، بابو ڀيل 20، حاجي بابا 25رنز ٺاهي ڏنل هدف آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. رشيد ٿهيم کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو ٽائٽل کٽيندڙ ٽيم جي رانديگرن کي انعام پڻ ڏنا ويا.