ڪراچي (اسپورٽس نيوز) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اسٽار آل رائونڊر راشد خان به قومي ٽيم جي مشهور رانديگر محمد رضوان جي ساراهه ڪرڻ کان سواءِ نه رهي. ميڊيا رپورٽن موجب محمد رضوان جي ٽيلينٽ جا دنيا ڳائي رهي آهي، ان حوالي سان راشد خان به پاڪستاني بيٽر جي تعريف ڪئي ۽ لکيو ته تمام بهترين ۽ پياري انسان سان ملاقات ڪري خوشي ٿي.  راشد ۽ رضوان هن وقت برطانيا ۾ ٽي 20 بلاسٽ ٽورنامينٽ ۾ کيڏي رهيا آهن جتي ٻنهي جي ملاقات ٿي ۽ کين گڏ ڪار ۾ ويٺي ڏٺو ويو. ياد رهي ته محمد رضوان ملڪ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف سيريز کيڏڻ بعد برطانيه روانو ٿي ويو آهي.