ڪراچي (م ڊ) صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته شهباز گل عمران خان جو سڀ کان لاڏلو اڳواڻ آهي، اهڙو طوطو آهي جنهن ۾ سندس ساهه آهي. ان کان اڳ ذلفي بخاري ۽ مراد سعيد جو نالو اچي ٿو. شهباز گل ان لاءِ ويجهو آيو جو هن اپوزيشن کي ائين ئي جواب ڏنو جيئن عمران خان چاهي ٿو. شهباز گل کي گرفتاري کانپوءِ رات 2 وڳي پوليس جي حوالي ڪيو ويو، ان وقت تائين هن کاڌو به نه کاڌو هو، اسلام آباد پوليس کاڌو ڏنو ۽ سمهڻ جي بهترين جاءِ ڏني. شهباز گل جوديشل رمانڊ کانپوءِ خوش هو، ڇو ته اسلام آباد ۾ هو خوش نه هو، اتي پوليس جو رويو ته ٺيڪ هو پر ڪجهه خاص ماڻهن جو رويو انتهائي سخت هو. شهباز گل اڊيالا جيل پهتو ته هن اتي به جيل اسٽاف سان بدتميزي ڪئي، جنهن تي کيس سزا جي طور تي چڪي ۾ بند ڪيو ويو. چڪي هڪ اهڙي جاءِ هوندي آهي جتي اوهان ٺيڪ نموني ليٽي نٿا سگهو، رڳو بيهي ۽ ويهي سگهو ٿا، اتي ٽوائليٽ به هوندو آهي. پنجاب حڪومت ڪوشش ڪئي ته کيس بي ڪلاس ملي وڃي. گهرو سيڪريٽري جي ذريعي آرڊر ڪيو ويو پر عملدرآمد ته جيل انتظاميا کي ڪرڻو پر ان تي ٺيڪ طرح سان عملدرآمد نه ٿي سگهيو. شهباز گل پنهنجي وڪيل سان ڳالهايو ۽ چيو ته مون کي ابتو لٽڪائي ماريو وڃي ٿو، هن اسلام آباد جي عدالت کي به پنهنجي قميض لاهي ٻڌايو هو ته مٿس وڏو تشدد ڪيو وڃي ٿو. وڪيل چيو ته اسان اوهان کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيون ٿا، شهباز گل جيل جي اسپتال به نه پيو وڃڻ چاهي. ٻيو آپشن اسلام آباد جي پمز اسپتال هئي ڇو ته هي وفاقي حڪومت جو جوابدار آهي. آءِ جي جيلز سليم بيگ چيو ته اسان اهو ڪم ڪنداسين جيڪو اسان کي چيو ويو آهي. جيڪو قانون موجب آهي. حماد اظهر، فواد چوڌري ۽ حفيط حيات آءِ جي جيلز سان ملاقات ڪئي ۽ چيو ته سندس مرضي جي جيل ۾ موڪليو ۽ سهولتون ڏيو. ان ڳالهه تي ٻنهي وچ ۾ ڏند چڪ ٿي پيا، آءِ جي چيو ته منهنجا باس اوهان نه آهيو، منهنجو باس پنجاب جو وڏو وزير آهي، ان کان فون ڪرايو، آئون ته قانون موجب سهڪار ڪندس. اعزاز سيد چيو ته فواد چوڌري سان مون ڳالهيو ته هن آءِ جي جيلز کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان خبر جي ترديد ڪري ڇڏي. حڪومتي سرڪاري ذريعن موجب هو ان ڳالهه تي قائم آهي ته ائين ٿيو آهي ۽ هنن اها ڪوشش ڪئي هئي. عمران خان جي خواهش آهي ته نواز ليگ جو بيانيو ٺاهيندڙ عطا تارڙ جهڙن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ جيئن هن شهباز گل جي ڊرائيور جي زال کي گرفتار ڪيو اهڙي ريت سندن عورتن کي به گرفتار ڪيو وڃي پر پنجاب پوليس ان تي عملدرآمد نه پئي ڪري. ان صورتحال کانپوءِ عمران خان پرويز الاهي کي پيغام موڪليو ته جيڪڏهن منهنجا پي ٽي آءِ جي ڪارڪن مطمئن نه ٿيا ته آئون هڪ منٽ ۾ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري سگهان ٿو. اها ڳالهه ذهن مان ڪڍي ڇڏيو ته آئون ائين ئي ويٺو رهندس.  اعزاز سيد چيو ته مون کي اها ڳالهه پي ٽي آءِ جي هڪ مرڪزي ذميوار اڳواڻ ٻڌائي آهي. پرويز الاهي ۽ مونس الاهي عمران خان سان ملاقات ۾ چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان نه وڙهو، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سان جهيڙو ڪندئو ته اليڪشن به نه کٽي سگهندئو. چوڌري پرويز الاهي عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن چيو ته فوج ۽ عمران خان ۾ ڪي اختلاف نه آهن. هن سموري راند ۾ شهباز گل سٽجي رهيو آهي، عمران خان انٽرويو ۾ چيو ته شهباز گل غلط بيان ڏنو. ان ڳالهه تي شهباز گل تي ڪيس ٿيڻ دوران ڏکيائي وڌي سگي ٿي.