ڪراچي/ ملير( نمائندن وٽان ) پي ٽي آءِ چيئرمين  عمران خان  جا  ڪراچي  جي لياري  ۽ ملير تڪن تان فارم بحال:  پ پ اميدوارن جا اعتراض رد، ان ڏس ۾  ملير  جي ڊي آر او قومي تڪ اين اي 237  تي پ پ اميدوار عبدالحڪيم بلوچ  ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جا نامزدگي فارم منظور ڪري ورتا، انهي کان اڳ پ پ اڳواڻ ۽ اين اي 237 تان اميدوار ارشاد شر  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو نامزدگي فارم رد ڪرائڻ لاءِ مختلف اعتراض واري ڊي آر او وٽ درخواست داخل ڪرائي هئي، درخواست ۾ چيو ويو هو ته عمران خان نامزدگي فارم ۾ القادر ٽرسٽ، فارين فنڊنگ جي 16 بينڪ اڪائونٽس ۽ اثاثن  جو ذڪر ناهي ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم ٽيڪس رٽرن ۾توشه خاني مان ورتل مهانگن تحفن جا تفصيل پڻ لڪايا آهن، سندس اهو عمل آرٽيڪل 223 جي ڀڃڪڙي آهي، درخواست موجب عمران خان نامزدگي فارم ۾ اولاد طور رڳو ٻن پٽن جو ذڪر ڪيو آهي، جڏهن ته ڌيءَ ٽيريا خان جو ذڪر ناهي ڪيو، انهي ڪري عمران جو  فارم رد ڪري کيس نااهل قرار ڏنو وڃي. ڊي آر او پ پ اڳواڻ جي عمران خان خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، ٻئي طرف لياري واري تڪ اين اي 246 تي پ پ اميدوار نبيل گبول پ پ عمران خان جو فارم رد ڪرائڻ لاءِ اعتراص داخل ڪيا هئا، جيڪي پڻ رد ڪيا ويا، ٻئي طرف عمران خان جي نامزدگي فارم جي ڇنڊ ڇاڻ وقت سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل وڪيلن جي ٽيم سان گڏ ڊي آراو اڏو  پيش ٿيو، ان موقعي تي حليم عادل صحافين سان  ڳالهائيندي چيو ته عمران خان کي ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي، پ پ جي چرچ تي ملير، ڪورنگي ۽ لياري ۾ عمران خان جي نامزدگي فارمن تي بي بنياد اعتراض اٿاريا ويا، هن چيو ته عمران خان 9 سيٽن تي اليڪشن وڙهندو ۽ ڪامياب ٿيندو